ڀنيان پتڻ

ڀنيان پتڻ: ڀنيان پتڻ سنڌوءَ جو وڏو پتڻ رهيو آهي ۽ سنڌوءَ جي پراڻن بندرن مان آهي . پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ به هيءُ پتڻ موجود هو . ڀنيان شهر کي ماضي قريب ۾ درياهه شاهه پاتو . جو پوءِ ريلوي جي اولهه پاسي درياهه جي بندر کي ڇڏڻ کان پوءِ منظور آباد شهر هاءِ وي جي اوڀر ۾ سيد منظور شاهه جي نالي سان ٻڌرايو ويو آهي . ڀنيان پتڻ پوءِ به منظورآباد جي سامهون پتڻ جي حيثيت ۾ قائم دائم آهي ۽ اورار ، پرار لاءِ چڱو وهندڙ پتڻ آهي . هن پتڻ جي ڪافي آمدني ٿيندي هئي . ڌاڙيلن جي اچ وڃ سبب هيءُ پتڻ ڪجهه وقت لاءِ بند ڪيو ويو هو ، بعد ۾ ضلعي ڪائونسل ٿر مهاڻن کي پتڻ نيلام ڪري ڏنو .


لفظ ڀنيان پتڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو